مولانا طارق جميل سوهو

مولانا طارق جميل سوهو

طارق جميل سوهو

طارق جميل سوهو: مولانا طارق جميل سوهو، پهرين جنوري 1953ع تي ڳوٺ آڙي والا سوهو لڳ تلمبا، ميان چنون ضلع خانيوال ۾ ڄائو، پرائمري ۽ سيڪنڊري پاس ڪرڻ کانپوءِ انٽر پري ميڊيڪل ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان پاس ڪيائين ۽ ايم. بي. بي. ايس ۾ داخلا ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج لاهور ۾ ورتائين، جتي اسلامي تعليمات سان دلچسپي وڌڻ ڪري سندس لاڙو اسلام ڏانهن ٿيو. جتي قرآن، حديث، شريعت، فقه ۽ تصوف جا علم پڙهيو. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان آهي. هن وقت فيصل آباد ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ ديني مدرسا قائم ڪيا اٿس، جتي سڄي دنيا کان مسلمان شاگرد اچي ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. مولانا صاحب جا اسلام متعلق ليڪچر آفاقي حيثيت رکن ٿا. مولانا صاحب سني، حنفي طريقي سان تعلق رکي ٿو ۽ تبليغي جماعت سان واڳيل آهي. پاڻ اسلام ۽ دين متعلق 500 ڪتاب لکي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.01.01  عيسوي

مولانا طارق جميل سوهو، پهرين جنوري 1953ع تي ڳوٺ آڙي والا سوهو لڳ تلمبا، ميان چنون ضلع خانيوال ۾ ڄائو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحڪيم مولانا
ابوالحسن صغي
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
درس محمد واصل
شيخ ورو
شفيع محمد منگيو مولانا
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
حافظ علي محمد آخوند
حيدر علي لغاري
عبدالرزاق قاضي ترائيءَ وارو مولوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون